عباس ڪوريجو

عباس ڪوريجو

عباس ڪوريجو

عباس ڪوريجو: ڪھاڻيڪار، محقق ۽ ناول نويس عباس ڪوريجي جو پورو نالو غلام عباس ولد حاڪم علي ڪوريجو آهي. سندس ‏جنم 16 سيپٽمبر 1983ع تي قنبر، ضلعي شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ محمد بخش ڪوريجو ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (معاشيات ) ۽ ايم. اي. ‏‏(سنڌي ادب) آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘چنڊ پيرن هيٺ’ (ڪھاڻيون: 2005ع)، ‘پنھنجي ڌرتي’ (ڪھاڻيون: 2014ع)، ‘جديد ڪھاڻي: فن ۽ ‏موضوع’ (تحقيق: 2015ع ۽ 2020ع)، ‘ادب ۽ انتھا پسندي’ (مضمون: 2022ع) ۽ ‘وڻ’ (ناول: 2022ع) شامل آهن.‏ قنبر مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ‘وائيس آف سنڌ’ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. هن وقت ماهوار رسالي ‘سڦلتا’ جي ايڊيٽوريل بورڊ ۽ سنڌي ادبي ‏سنگت شاخ قنبر جو ميمبر آهي. سندس ڪتاب ‘پنھنجي ڌرتي’ کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 2014ع ۾ بھترين ڪھاڻي ڪتاب جو اوارڊ ‏ڏنو. کيس هن وقت تائين بھترين سيڪريٽري اوارڊ، شاخ جو بھترين عھديدار اوارڊ، قليچ چيئر سنڌ يونيورسٽي پاران ‘نوجوانن سان ملو’ اوارڊ ۽ ‏سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي اسٽڊي سرڪل پاران ‘پھرين پوزيشن’ اوارڊ ملي چڪا آهن.‏ 2016ع کان دُبئي ۾ رهائش پذير آهي ۽ ‘انڊس ايڊورٽائزنگ’ جي نالي سان ذاتي ڪاروبار ڪري رهيو آهي. هن دبئيءَ ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ‏ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ڪرائيندڙ هڪ ادارو ‘سمبارا ايوينٽس’ پڻ جوڙيو، جنھن جي پليٽفارم تان سال 2023ع ۾ ‘سنڌي اباڻي ٻولي’ نالي هڪ ‏وڏو ميڙاڪو ڪرايو ويو. ‏


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.09.16  عيسوي

نوجوان ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق عباس ڪوريجي جو پورو نالو غلام عباس ولد حاڪم علي ڪوريجو آهي. سندس جنم 16 سيپٽمبر 1983ع تي قنبر، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ جي ڳوٺ ڪوريجا ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄيٺانند ڀوڄراڄ پنجابي
راني
آغا جان محمد خان
شيخ فيض الله
پير حسن آري
چانگ ساجن
ظفر علي شر
ابو دائود امام
عابده سلطان شهزادي
خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون